تن سپون سوجهي ڪڍيون- ڪتاب

تن سپون سوجهي ڪڍيون- ڪتاب

تن سپون سوجهي ڪڍيون

تن سپون سُوجهي ڪڍيون (ڪتاب ):پروفيسر سنتداس جهانگياڻيءَ جو هي ڪتاب، لطيفيات جي موضوع تي هڪ اهم ڪتاب آهي. ڪرائون سائيز جي 103 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 15 رپيا آهي. هي ڪتاب اندر ڪمار، 1985ع ۾، ڪوهنور پرنٽنگ پريس، ڊگل بازار اجمير، مان ڇپائي، دهليءَ مان پڌرو ڪيو. هن ڪتاب ۾ پروفيسر سنتداس جهانگياڻيءَ شاهه لطيف جي شاعريءَ جو مختلف رخن کان جائزو ورتو آهي، سندس مضمونن جا عنوان آهن: سوامي پراڻناٿ ۽ شاهه عبداللطيف؛ شاهه ۽ ڏياري؛ شاهه ۽ عيد؛ شاهه، سماجواد جو اڳواڻ؛ شاهه جي زماني ۾ سنڌ جو واپار؛ شاهه زمان حال جي حوالي ۾؛ ڇا شاهه اُمي هو؟ ۽ شاهه، هندن جو همدرد همراز.
ليکڪ هي ڪتاب پنهنجي پيءُ سرڳواسي منگهارام گوبند بخش جهانگياڻيءَ ڏانهن منسوب ڪيو آهي، جنهن شاهه جو ڪلام منتخب ڪري، منجهس شاهه جي شعر جي کوجنا لاءِ اُتساهه جاڳايو هو.


لفظ تن سپون سوجهي ڪڍيونھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو